رزاق آباد

رزاق آباد: رزاق آباد، ڪراچيءَ ۾ نيشنل هاءِ وي تي پپريءَ وٽ آباد هڪ ڳوٺ آهي. هيءُ گبول قبيلي جي هڪ پراڻي وسندي آهي. هتي پوليس ٽريننگ سينٽر، گورنمينٽ پرائمري بوائز ۽ گرلس اسڪول، هائر سيڪنڊري اسڪول، هڪ اسپتال ۽ ٽيڪنيڪل ڪاليج موجود آهن. رزاق آباد وارن جو اصل ڳوٺ امير علي گبول هو. پر پورٽ قاسم ۽ اسٽيل مل جي قائم ٿيڻ ڪري اتي ويٺل ڳوٺاڻن کي لڏائي هن نئين ڳوٺ ۾ آباد ڪيو ويو، جنهن جو نالو ’رزاق آباد‘ رکيو ويو. هيءُ ڳوٺ عبدالرزاق ولد پنجو خان گبول جي نالي سان آباد آهي، جيڪو هتان جي سياسي، سماجي ۽ علمي شخصيت هو. کيس تعليمي، سماجي ۽ سياسي خدمتن جي ڪري ’شهيد بينظير ڀٽو اوارڊ‘ سان نوازيو ويو ۽ سندس نالي پٺيان گورنمينٽ عبدالرزاق گبول ڊگري ڪاليج رزاق آباد قائم ٿيو. هن 2007ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ رزاق آبادھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو